لاهور: پاڪستان ۾ موسيقيءَ جو سڀ کان وڏو مقابلو پاڪستان آئيڊل شاندار انداز ۾ پڄاڻي تي پهچي ويو، جنهن ۾ فيصل آباد سان تعلق رکندڙ حرا قيصر پاڪستان آئيڊل 2026 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو
اختتامي تقريب دوران فاتح جو اعلان ڪيو ويو، جتي ججن جي گڏيل فيصلي تحت حرا قيصر کي فاتح قرار ڏنو ويو. سپر فائنل ۾ سخت مقابلو ٿيو، جڏهن ته عالمي شهرت يافته گلوڪار عاطف اسلم پڻ خاص پرفارمنس پيش ڪئي. پاڪستان آئيڊل جي فائنل جي خاص اسڪريننگ ڪراچي ۽ فيصل آباد جي سينيما گهرن ۾ پڻ ڪئي وئي.
پاڪستان آئيڊل جي فاتح حرا قيصر جو تعلق وچولي طبقي جي خاندان سان آهي. هن سڄي مقابلي دوران شاندار پرفارمنس پيش ڪري مداحن ۽ ججن جون دليون کٽي ورتيون.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي حرا قيصر چيو ته هاڻي هوءَ پنهنجا خواب پورا ڪندي. سندس چوڻ هو ته اها ڪاميابي سندس والدين ۽ گهرڀاتين جي دعائن سبب ممڪن ٿي آهي.
مشهور گلوڪار ۽ پاڪستان آئيڊل جي جج راحت فتح علي خان چيو ته پاڪستان ۾ بي شمار ٽيلنٽ موجود آهي ۽ پاڪستان آئيڊل جهڙا وڌيڪ پليٽ فارم متعارف ٿيڻ گهرجن.