موسميات کاتي موجب اڄ منجهند کانپوءِ اتر اوڀر بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن جي ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي
ٻئي طرف سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جتي پاڻي جي آمد 3 لک 98 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته چشمہ بئراج، تونسہ، گڊو ۽ سکر بئراج تي هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار آهي.
فلڊ فارڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب ملڪ جي ٻين درياهن ۾ پاڻي جي صورتحال معمول مطابق آهي.