مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم جي جاگراں وادي مان ٽن نوجوانن جا لاش مليا، جن جي سڃاڻپ ياسر بلوچ، ناصر ۽ فيصل اعوان جي نالن سان ڪئي وئي آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا 3 جولاءِ تي بابون وادي ويا هئا ۽ ان کانپوءِ گم ٿي ويا هئا.
ريسڪيو اختيارين مطابق مال چاريندڙ عورتن جنگل ۾ لاش ڏسي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ لاش تحويل ۾ ورتا ويا.