اڊيالا جيل جي ٽن قيدين خانگي اسپتال مان علاج ۽ گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي
قيدين پنهنجي درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو حوالو ڏنو آهي، جنهن موجب جيڪڏهن ڪنهن قيدي جو علاج سرڪاري اسپتال ۾ ممڪن نه هجي ته کيس خانگي اسپتال منتقل ڪري سگهجي ٿو.
درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندن بيمارين جو علاج صرف شفا اسپتال ۾ ممڪن آهي. الياس خان، محمد اسماعيل خان ۽ اويس الطاف جي درخواستن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 27 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.