ڪراچي: مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عمر سيال کي جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي لاءِ نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پڻ جسٽس عمر سيال جي ڪميشن جي سربراهي جي تصديق ڪئي آهي.
سنڌ حڪومت جي درخواست تي مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو ويو آهي. ڪميشن سنڌ ٽربيونل آف انڪوائري آرڊيننس 1969 تحت ڪيس جي جاچ ڪندو، جڏهن ته عدالتي ڪميشن قتل جي آئيني ۽ قانوني پاسن جو جائزو وٺندي جاچ جي شفافيت ۽ حقيقتن جو تعين ڪندي.
مير رضا قتل ڪيس ۾ خاندان جي تحفظات کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 29 جولاءِ تي گلستان جوهر مان مير رضا علي جو گولي لڳل لاش هٿ آيو هو، جڏهن ته شروعاتي طور ڪيس جي جاچ پوليس ٽيم ڪري رهي هئي.
سنڌ حڪومت مير رضا قتل ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن مير رضا جي والد جي وڪيل جبران ناصر جوڊيشل ڪميشن جي قيام کي رد ڪري ڇڏيو هو.