چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي سلسلي ۾ ايران روانو ٿي ويو آهي
پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي دوري تي روانو ٿيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي پڻ سندس همراهي ۾ ايران ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير جو دورو علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو حصو آهي. دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي حل لاءِ ڪوششن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيندو.