پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ تفصيل فراهم ڪرڻ کانسواءِ مختلف ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ مختلف ٽيڪسن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم نامو پڻ جاري ڪيو. عدالت درخواستگذار جي بجلي جي بل ۾ تفصيل فراهم ڪرڻ کانسواءِ ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪيندي ساڳئي نوعيت جون ٻيون درخواستون گڏ ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالتي حڪم نامي موجب درخواستگذار باقاعدگي سان بجلي جا بل ادا ڪندو رهيو آهي، پر آگسٽ جي بل ۾ ڪنهن وضاحت کانسواءِ اضافي ٽيڪس شامل ڪيا ويا. درخواستگذار موجب لاڳاپيل اختيارين کيس بل جو بارڪوڊ ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ معلوم ٿيو ته بل ۾ ايڪسٽرا ٽيڪس ۽ فدر ٽيڪس وصول ڪيا ويا آهن.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته ان کان اڳ سندس بجلي جي بل ۾ اهڙا ٽيڪس ڪڏهن به شامل نه ڪيا ويا هئا. پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.