وفاقي حڪومت راولپنڊي ۾ 6 مهينن لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب راولپنڊي ۾ فوج جي مقرري جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ڏني وئي آهي، جنهن تحت پاڪ فوج جون 3 ڪمپنيون 6 مهينن لاءِ راولپنڊي ۾ مقرر رهنديون.
پنجاب جي گهرو کاتي جي درخواست تي وفاقي ڪابينا راولپنڊي ۾ فوج جي مقرري جي منظوري ڏني آهي.
اعلاميي موجب فوج ضلعي انتظاميا سان گڏجي امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪندي، جڏهن ته حساس هنڌن ۽ اهم شاهراهن تي سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مؤثر بڻايو ويندو.