بلوچستان جي سامونڊي ڪناري تي حادثي جو شڪار ٿيل ڪارگو جهاز جي مينٽيننس رڪارڊ جو جائزو وٺڻ لاءِ اسلام آباد مان جاچ ٽيم پهچي وئي آهي.
جاچ ٽيم سمنڊ مان هٿ آيل جهاز جي ملبي جو معائنو ڪيو، جڏهن ته جهاز جو وڌيڪ ملبو پڻ سمنڊ مان ڪڍيو ويو آهي.
بهرحال، جهاز جو بليڪ باڪس اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته عملي جي گم ٿيل پنجن ميمبرن جي ڳولا به جاري آهي.
واضح رهي ته نجي ڪارگو ڪمپني جو جهاز شارجهه کان ڪراچي ايندي اڱاري جي رات حادثي جو شڪار ٿيو هو. جهاز ۾ عملي جا ڪل پنج ميمبر سوار هئا.