ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي ايران تي سازش جو الزام لڳايو

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي ايران تي سازش جو الزام لڳايو


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪندي ايران تي قتل جي سازش جو الزام لڳايو آهي.

هن الزام هنيو ته هو ايران جي "هٽ لسٽ" تي شامل آهن ۽ ايران ڪيترن ئي سالن کان کين مئل ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته ايران تي اهڙي بمباري ڪئي ويندي، جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي هوندي.

ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران سندس قتل يا قتل جي ڪوشش واري ڌمڪي تي عمل ڪيو ته ان جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿي ويو ته کيس اميد آهي ته ماڻهو کيس ياد رکندا.

هن اهو به چيو ته ايران ڏانهن هڪ هزار ميزائل نشانو بڻائي تيار رکيا ويا آهن، ۽ جيڪڏهن ايران ڌمڪي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڌيڪ هزارين ميزائل به فائر ڪيا ويندا. هن دعويٰ ڪئي ته ضرورت پوڻ تي آمريڪي فوج کي ايران جي سمورن علائقن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا ويا آهن.

ان کان علاوه، آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته اسلامي جمهوريه ايران ساڻس ڳالهين کي جاري رکڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي هن اتفاق ڪيو، پر کين واضح طور ٻڌايو ويو ته جنگ بندي هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.

ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته ايران آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين جي درخواست ناهي ڪئي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن…
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊ…
15 Jul 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج …
16 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي …
17 Jul 2026