ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي ويو

نفيسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي ويو

اسرائيلي فوج جي انگن اکرن موجب فوجي سروس ڇڏڻ وارن اهلڪارن جو انگ وڌي ويو ۽ 80 سيڪڙو اهلڪار ذهني دٻاءُ ۽ نفسياتي مسئلن سبب فوج ڇڏي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوجي اختيارين ٻڌايو آهي ته 7 آڪٽوبر کانپوءِ مستقل ۽ ريزروو فوجين تي پوڻ وارو وزن وڌي رهيو آهي، جيئن ڪو حقيقي حل نه ڪڍيو ويو ته مستقبل ۾ جنگي ۽ عام سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.

رپورٽ موجب جنگ کان اڳ ريزروو فوجين کي سال ۾ رڳو 25 ڏينهن ڪم ڪرڻو پوندو هو پر 7 آڪٽوبر 2025 کانپوءِ اهلڪار 170 ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهن. اسرائيلي فوج 2026 ۾ ريزروو ڊيوٽي لاءِ 80 کان 100 جو هدف طئي ڪيو هو پر ڪجهه يونٽ ان کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جو هڪ ڪارڻ ته ايران ۽ لبنان بابت اضافي فوجي مشنز آهي.

رپورٽ موجب مسلسل جنگين ۾ هزارين فوجي زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين فوجي سروس ڇڏي ڏني آهي.اسرائيلي فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي مهينا هلندڙ جهيڙي به ٿل ۽ ذهني دٻاءُ پيدا ڪيو آهي، جنگ جي شروعات کان هن وقت تائين مسلسل فوجين کي تقريبا بنا وقفي جي ڪم ڪرڻو پيو آهي ۽ کين آرام يا تربيت لاءِ به وقت نه پيو ملي.

اختيارين اعتراف ڪيو ته نظام فوجين کي مختصر آرام لاءِ به وقت ڏيڻ ۾ ناڪام ويو ۽ چتاءُ ڏنو ته مسلسل ٿڪ فوج جي تياري ۽ ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب هن وقت اسرائيلي فوج ۾ 12 هزار لازمي فوجين جي کوٽ آهي، جن مان 6 کان 7 هزار تائين جنگي اهلڪار آهن.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026