اسلام آباد: اسلام آباد ۾ اين سي سي آءِ اي جي ڇاپي دوران آن لائن فراڊ ۾ ملوث پرڏيهين جي گرفتاري کانپوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته اسڪيمر پاڪستان ۾ ويهي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود ماڻهن سان اسڪيمينگ ڪري رهيا هئا. اسلام آباد مان گرفتار هڪ انڊونيشي اسڪيمر ٻڌايو ته هو 3 مهينا اڳ شيف جي حيثيت سان پاڪستان آيو هو، جڏهن ته سندس گينگ ۾ 2 چيني ۽ 7 انڊونيشي شهري شامل آهن. گرفتار جوابدار موجب گينگ اسڪيمز ذريعي ماهوار 80 هزار ڊالر ڪمائيندو هو. چيف ڪمشنر اسلام آباد ڪال سينٽر جي عمارت کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سب جيل جي سيڪيورٽي ۽ حراست ۾ ورتل ماڻهن جي ذميواري ڊي جي اين سي سي آءِ اي جي حوالي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب جاچ جو دائرو پي ٽي اي، ايف بي آر ۽ ايس اي سي پي تائين وڌايو ويو آهي، جڏهن ته پرڏيهين جي پاڪستان ۾ داخلا، رهائش، ڪاروباري سرگرمين ۽ مبينا سائبر ڪرائم نيٽ ورڪ بابت جاچ جاري آهي.