ڪراچي: ملڪ ڀر ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 700 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون 4 لک 26 هزار 736 رپين جو ٿي ويو آهي
ايسوسيئيشن موجب اهڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت 3 هزار 202 رپيا گهٽجي 3 لک 65 هزار 857 رپيا ٿي وئي آهي
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 37 ڊالر گهٽجي 4 هزار 43 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي