اسلام آباد: پاڪستان ۾ پرڏيهي ماڻهن طرفان سائبر فراڊ ۽ فحش مواد جو عالمي نيٽ ورڪ هلائڻ جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومت سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني ڪال سينٽرن خلاف گرينڊ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي. ٽاسڪ فورس ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر جي ماتحت ڪم ڪندي، جڏهن ته ڪال سينٽرن خلاف ڪارروائين جي تفصيل روزاني بنياد تي گهرو وزارت کي فراهم ڪئي ويندي. ذريعن موجب ٽاسڪ فورس ڀتا خوري، بليڪ ميلنگ، جوا ۽ اسڪيمينگ بابت جاچ پڻ ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ قائم ڪال سينٽرن جي فهرست پڻ تيار ڪئي وئي آهي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٽاسڪ فورس سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.