اسلام آباد: جعلي ڊگري جي بنياد تي سرڪاري نوڪري حاصل ڪندڙ گريڊ 19 جي آفيسر وسيم افضل وڙائچ کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ گريڊ 19 جي آفيسر وسيم افضل وڙائچ پاران داخل ڪيل انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي.
1 جولاءِ 2026ع تي جاري ڪيل فيصلي موجب، وسيم افضل وڙائچ کي فراڊ ۽ جعلسازي جو مرتڪب قرار ڏنو ويو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بي اي ۽ ايم بي اي جون ڊگريون ڌوڪي ۽ جعلسازي ذريعي حاصل ڪيون ويون.
عدالت نوڪري دوران حاصل ڪيل سموريون مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ايف آءِ اي کي وسيم افضل خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
وسيم افضل 1993ع ۾ جعلي ڊگري جي بنياد تي ايس ايم اي بينڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ 2009ع ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم تحت نوڪري ڇڏي.
هن جعلي ڊگرين جي بنياد تي 2011ع ۾ وزارت محنت ۽ افرادي قوت ۾ گريڊ 19 جي نوڪري حاصل ڪئي.
بهرحال، 2017ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وسيم افضل جون ڊگريون جعلي قرار ڏيندي کيس نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت جي فيصلي تي وزارت اوورسيز پاڪستانيز وسيم افضل وڙائچ جي برطرفي ۽ مراعتون واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
وزارت اوورسيز پاڪستانيز ايف آءِ اي کي وسيم افضل خلاف فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.