گوجرانوالا: پرڏيهي ٽرانسجينڊر سان شادي ڪندڙ نوجوان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ٽرانسجينڊر جي درخواست تي نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار جو موقف آهي ته کيس مبينا طور قيد ۾ رکيو ويو هو، پر موقعو ملڻ تي هو اتان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ايف آءِ آر موجب جوابدار ۽ سندس گهرڀاتين مبينا طور جعلي نڪاح نامو پڻ تيار ڪرايو هو، جنهن جي بنياد تي پوليس طرفان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.