ڪراچي: نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي حساس ادارن جي سهڪار سان ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ وڏي هيڪر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، گرفتار جوابدار تي 50 لک پرڏيهين جي بينڪ اڪائونٽن ۽ ٻين مالي معلومات (ڊيٽا) کي هيڪ ڪرڻ جو الزام آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جاچ جاري آهي. اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته جاچ دوران اهم انڪشاف ٿيندا ۽ وڌيڪ گرفتاريون پڻ عمل ۾ اچي سگهن ٿيون.