سالن کانپوءِ اهم سنگِ ميل، گوادر بندرگاهه تي سامونڊي واپاري جهازن لاءِ بنڪرنگ سهولت جو آغاز
پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ واقع گوادر بندرگاهه تي سامونڊي واپاري جهازن کي پهريون ڀيرو ميرين بنڪرنگ (ٻيڙين کي ايندھن فراهم ڪرڻ) جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. اين ايل سي (NLC) ۽ هڪ عالمي نجي ڪمپني جي سهڪار سان ملڪ جي ريفائنري ۾ تيار ڪيل ايندھن هڪ سامونڊي جهاز کي فراهم ڪيو ويو.
گوادر پورٽ تي پاڪستان پنهنجي تاريخ جو پهريون ميرين بنڪرنگ آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ ملڪ هاڻي پنهنجي ٽنهي وڏين تجارتي بندرگاهن تان سامونڊي جهازن کي ايندھن فراهم ڪرڻ جي سهولت مهيا ڪري رهيو آهي.
هن تاريخي آپريشن دوران گڏيل عرب امارات جي ملڪيت واري ايل اين جي جهاز LNG ENUGU کي بين الاقوامي ميرٽائيم آرگنائيزيشن (IMO) جي معيار موجب تيار ڪيل ويري لو سلفر فيول آئل (VLSFO) جا 2500 ميٽرڪ ٽن فراهم ڪيا ويا.
هي سامونڊي ايندھن ملڪ جي ريفائنري Cnergyico PK Limited ۾ تيار ڪيو ويو، جڏهن ته بنڪرنگ جو عمل عالمي توانائي ڪمپني Vitol پنهنجي بنڪرنگ بارج Marine Ista ذريعي نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (NLC) جي سهڪار سان مڪمل ڪيو.
پاڪستان هاڻي باضابطه طور پنهنجي ٽنهي تجارتي بندرگاهن تي بين الاقوامي معيار موجب مڪمل ميرين بنڪرنگ نظام قائم ڪري ڇڏيو آهي. هن اهم اڳڀرائي کانپوءِ پاڪستان هاڻي سامونڊي جهازن کي ايندھن فراهم ڪرڻ جي حوالي سان فجيره ۽ سنگاپور جهڙن علائقائي ريفيولنگ مرڪزن جي سطح جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي قابل ٿي ويو آهي.
ٽنهي تجارتي بندرگاهن تي Pakistan Single Window نظام تحت اليڪٽرانڪ ڪسٽمز ميرين بنڪرنگ رولز موجب هڪ معياري ۽ عالمي سطح تي تصديق ٿيل سامونڊي ايندھن فراهم ڪرڻ وارو نيٽ ورڪ به فعال ٿي چڪو آهي.
پاڪستان جو قومي ميرين بنڪرنگ نظام عالمي توانائي ڪمپني Vitol Bunkers، National Logistics Corporation (NLC) ۽ مقامي آئل ريفائنري Cnergyico PK Limited جي گڏيل سهڪار سان هلندڙ هڪ مربوط فريم ورڪ تحت ڪم ڪري رهيو آهي.
هي ڪامياب آپريشن ان لحاظ کان پڻ اهم آهي، جو پهريون ڀيرو گوادر پورٽ تي ڪنهن سامونڊي واپاري جهاز کي بنڪرنگ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان جي سامونڊي ايندھن فراهم ڪرڻ جي صلاحيت هاڻي ڪراچي ۽ پورٽ قاسم کان اڳتي وڌي گوادر تائين پهچي وئي آهي. هي ڪاميابي پاڪستان جي بحري واپار ۽ بندرگاهي ترقي لاءِ هڪ ٻيو اهم سنگِ ميل قرار ڏني پئي وڃي.