ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
بحرالڪاهل ۾ 8 ڏينهن تائين اڪيلو ڀٽڪندڙ مهاڻيو آخر ڪيئن بچي ويو؟

بحرالڪاهل ۾ 8 ڏينهن تائين اڪيلو ڀٽڪندڙ مهاڻيو آخر ڪيئن بچي ويو؟

دنيا جي سڀ کان وڏي سمنڊ، بحرالڪاهل، ۾ گم ٿي وڃڻ عام طور موت جي برابر سمجهيو ويندو آهي، پر جزائر ڪڪ سان تعلق رکندڙ مهاڻي جونيئر اپيوٽا اپيوٽا حيرت انگيز نموني 8 ڏينهن تائين سمنڊ ۾ اڪيلو ڀٽڪڻ باوجود زندهه بچي ويو.

جونيئر 11 جون تي پنهنجي آبائي ٻيٽ پوڪاپوڪا مان مڇي مارڻ لاءِ ننڍڙي ٻيڙي ۾ روانو ٿيو. ان وقت هوائن جي رفتار تمام تيز هئي ۽ هو مڇين جي تلاش ۾ سامونڊي پکين جو پيڇو ڪري رهيو هو. ڪجهه ئي دير بعد سندس ٻيڙي جو انجڻ خراب ٿي ويو، جنهن سبب هو کليل سمنڊ ۾ ڦاسي پيو.

هن وٽ انجڻ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اوزار نه هئا ۽ تيز هوائون ٻيڙي کي مسلسل ٻيٽ کان پري ڌڪي رهيون هيون. جونيئر موجب هڪ لمحي لاءِ هن سوچيو ته پاڻي ۾ ٽپو ڏئي تري واپس وڃجي، پر کيس خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي، تنهن ڪري هن ٻيڙي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. تيز برسات، ٿڌي هوا ۽ وڏيون لهرون سندس لاءِ وڏو امتحان بڻجي ويون. زندهه رهڻ لاءِ هن ڪچي مڇي کاڌي ۽ بالٽي ۾ برسات جو پاڻي گڏ ڪري پيئندو رهيو. ٿڌ کان بچڻ لاءِ هن چادر ۽ پورٽيبل ڪولر جو استعمال ڪيو.

جونيئر ٻڌايو ته هو مسلسل ٻيڙي مان پاڻي ٻاهر ڪڍندو رهيو ۽ لهرن جي زور باوجود همت نه هاري. ٽئين ڏينهن هن پري هڪ روشني ڏٺي ۽ ان طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تيز هوائن کيس مخالف رخ ۾ ڌڪي ڇڏيو.

اميد جي اها ڪهاڻي اٺين ڏينهن نئون موڙ اختيار ڪيو، جڏهن هن مٿان اڏامندڙ هڪ جهاز جو آواز ٻڌو. اهو نيوزي لينڊ ايئرفورس جو جهاز هو، جنهن سندس ٻيڙي کي ڏسي ويجهن ماهيگيرن کي اطلاع ڏنو.

جلد ئي تائيوان جو هڪ جهاز سندس مدد لاءِ پهتو ۽ جونيئر کي محفوظ طور بچائي ورتو. جهاز تي پهچڻ کان پوءِ کيس کاڌو، آرام ۽ پنهنجي خاندان سان رابطو ڪرڻ جو موقعو مليو. هن سڀ کان پهرين پنهنجي زال سان ڳالهائيندي چيو: "جان، مان ٺيڪ آهيان."

هاڻي جونيئر محفوظ آهي ۽ جلد پنهنجي گهر واپس ويندو. سندس چوڻ آهي ته هو مڇي مارڻ جو ڪم جاري رکندو، پر هاڻي اڳ کان وڌيڪ احتياط ڪندو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون
آمريڪا ايراني مالياتي نيٽ ورڪن تي نيون پابنديون لا…
11 Jul 2026
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 9 ورهين جي نينگري سميت وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد
غزه ۾ جنگبندي جي ڀڃڪڙيون جاري، اسرائيلي فوج جي فائ…
13 Jul 2026
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني ڄائو قطر مان گرفتار، آمريڪا حوالي
ملين ڊالرن جي موبائل اسمگلنگ ڪيس ۾ نامزد پاڪستاني …
14 Jul 2026
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن، ان سان فلسطينين جي مدد ۽ علائقي ۾ امن ممڪن ٿيندو: پاسدارانِ انقلاب
اردن جي عوام آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪن…
14 Jul 2026
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم فوت، 8 زخمي: اماراتي وزارت دفاع
آبنائے هرمز ۾ ٻن آئل ٽينڪرن تي حملي ۾ ڀارتي ملازم …
14 Jul 2026
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ جو حساس ڊيٽا ڊ…
15 Jul 2026
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو
آمريڪي اخبار جي دعويٰ: صدر ٽرمپ ايران ۾ زميني فوج …
16 Jul 2026
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو
ڀارت: عورت بواءِ فرينڊ سان ملي مڙس کي ٽرين ۾ قتل ڪ…
16 Jul 2026
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ تي پابندي تي غور
سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي انرجي ڊرنڪس وڪرو ڪرڻ…
17 Jul 2026
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران هڪ آمريڪي خاتون قيدي کي آزا
تهران: ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي …
17 Jul 2026