پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي باني اڳواڻ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ واري معاملي تي حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي
پي ٽي آءِ طرفان سلمان اڪرم راجا ۽ عزير ڀنڊاري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ 2026ع جي حڪم نامي جي مبينا ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ توهين عدالت جي مرتڪبن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ذاتي حاضري جو حڪم ڏيڻ جي پڻ درخواست ڪئي وئي آهي. عدالت کان جوابدارن کي توهين عدالت جو مرتڪب قرار ڏئي قانون موجب سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان باني پي ٽي آءِ عمران خان کي فوري طور شفا انٽرنيشنل اسپتال اسلام آباد منتقل ڪرڻ ۽ سندس طبي معائنو ڪرائڻ جي پڻ درخواست ڪئي وئي آهي.
عدالت کان اها استدعا پڻ ڪئي وئي آهي ته حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ عدالتي آفيسر مقرر يا لوڪل ڪميشن جوڙيو وڃي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ عمران خان کي طبي معائني لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، جڏهن ته حڪومت طرفان عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس مڪمل طبي معائنو ڪيو ويو. ان کان پوءِ کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.