اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل نه ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ ڪا به وضاحت طلب ڳالهه نه هئي ۽ حڪم تي عمل نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي.
هن چيو ته سياسي مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ ڏکيو آهي ته پوءِ جمهوريت ڪيئن هلي سگهي ٿي؟ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان پي ٽي آءِ جي باني کي ٻئي اسپتال منتقل ڪرڻ يا ان بابت تفصيل فراهم نه ڪرڻ جي اميد نه هئي، جڏهن ته سندن موقف موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
واضح رهي ته ٽي ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ عمران خان کي طبي معائني لاءِ شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ مڪمل طبي چڪاس ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. تنهن هوندي به حڪومت عمران خان کي پمز اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس طبي معائنو ڪيو ۽ بعد ۾ رات دير سان کيس ٻيهر اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ سوشل ميڊيا تي چيو هو ته عمران خان مڪمل طور تي صحتمند آهن.