اسلام آباد: هلندڙ مالي سال جي مختصر مدي دوران مهانگائي جي شرح وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ماهوار معاشي اپڊيٽ رپورٽ موجب گذريل مالي سال مهانگائي جي سراسري شرح 7.1 سيڪڙو رهي، جيڪا مالي سال 25-2024 ۾ 4.5 سيڪڙو هئي، جڏهن ته اها شرح جون مهيني ۾ وڌي 11.1 سيڪڙو ٿي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال جي پهرئين مهيني جولاءِ دوران مهانگائي جي شرح 9 کان 10 سيڪڙو رهڻ ۽ پرڏيهي شعبي جي مستحڪم رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ ٻيهر وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ افراطِ زر ۽ پرڏيهي شعبي جي امڪانن لاءِ منفي خطرا پيدا ڪري سگهي ٿي.
ٻئي طرف معاشي سرگرمين جي بحالي جو عمل برقرار آهي ۽ مجموعي معاشي استحڪام پڻ محفوظ رهندو.
وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مالي سال دوران ترسيل زر 41 ارب 60 ڪروڙ ڊالر رهي، جڏهن ته روينيو ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ۽ ان عرصي دوران برآمدات 30 ارب 80 ڪروڙ ڊالر رهيون.