اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي وفد جي قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ملاقات ۾ حڪومتي وفد ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُ الله پڻ شامل هئا. ذريعن موجب پيپلز پارٽي اهم قومي، پارلياماني ۽ سياسي معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت پنهنجا خدشا پڻ پيش ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي ميمبرن چيو ته حڪومت جون واعدي خلافيون جاري رهيون ته گڏجي هلڻ ڏکيو ٿي ويندو، جڏهن ته پارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي سنگين الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪيو. حڪومتي وفد جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڌانڌلي جا ٺوس ثبوت فراهم ڪري ته جاچ لاءِ تيار آهن ۽ قانونسازي بابت خدشا پڻ ختم ڪيا ويندا. ٻنهي پارٽين قانوني ۽ پارلياماني معاملن تي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته اياز صادق ٻنهي اتحادي جماعتن کي اختلاف ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.