اسلام آباد: نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سيڪٽر جي-8 ۾ ڪال سينٽر تي ڇاپو هڻي ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ وٺي ڇڏيو
اين سي سي آءِ اي اسلام آباد جي سيڪٽر جي-8 ۾ قائم ڪال سينٽر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران مبينا سائبر ڪرائم ۾ ملوث پرڏيهي ۽ پاڪستاني ماڻهو موقعي تان فرار ٿي ويا.
اين سي سي آءِ اي موجب ڇاپي دوران ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ وٺي فارنزڪ جاچ لاءِ موڪليو ويو آهي.
اين سي سي آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪال سينٽر ذريعي منظم سائبر ڪرائم ۽ ڊجيٽل فراڊ جو مبينا نيٽ ورڪ هلايو پئي ويو.