ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
مون سون دوران احتياط ڪريو، شهري ذميواراڻو رويو اختيار ڪن: ڪي اليڪٽرڪ جي اپيل

مون سون دوران احتياط ڪريو، شهري ذميواراڻو رويو اختيار ڪن: ڪي اليڪٽرڪ جي اپيل

ڪراچي: ملڪ سميت ڪراچي ۾ مون سون جي برساتن جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي حفاظت کي اوليت ڏين ۽ خاص طور انهن علائقن ۾ وڌيڪ احتياط ڪن، جتي برساتي پاڻي بيهڻ جو امڪان هجي.

ڪي اليڪٽرڪ موجب موسمي حالتن ۽ بجلي جي فراهمي تي مسلسل نظر رکڻ لاءِ ڪمپني جو سمورو آپريشنل عملو هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي. انتظاميا موسميات کاتي، شهري ادارن ۽ ضلعي انتظاميا سان پڻ ويجهي رابطي ۾ آهي، جيئن بدلجندڙ موسمي حالتن موجب وقت سر ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته مون سون جي تيارين جي سلسلي ۾ بجلي جي فيڊرن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ سڀني گرڊ اسٽيشنن جو تفصيلي جائزو وٺي خراب ڳنڍڻيون ۽ بس بار تبديل ڪيا ويا آهن، جيئن شهر کي بنا رڪاوٽ بجلي فراهم ڪري سگهجي.

ڪي اليڪٽرڪ موجب ورڇ واري نظام کي وڌيڪ محفوظ ۽ قابلِ اعتماد بڻائڻ لاءِ هڪ ارب ويهه ڪروڙ رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. ان تحت هڪ هزار هڪ سئو کان وڌيڪ بجلي جا ٿنڀا ۽ ڪيترن ئي ٽرانسفارمرن جا ڍانچا تبديل ڪيا ويا، ٻه هزار ٻه سئو کان وڌيڪ سروس بريڪيٽن جي زميني حفاظتي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي، جڏهن ته ٻه سئو ايڪتاليس گهڻ ماڙ عمارتن ۾ بجلي جا ميٽر ۽ بس بار پڻ تبديل ڪيا ويا.

ان کان علاوه پنج ڪلوميٽر ڊگهي مٿانهين بجلي لائين کي زمين هيٺ منتقل ڪيو ويو، هزارين پولن تي انسوليٽر لڳايا ويا ۽ ٻه سئو پنجاهه کان وڌيڪ ٽرانسفارمرن تي سرڪٽ بريڪر ۽ ورڇ وارا بورڊ تبديل ڪيا ويا.

ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان عمران رانا چيو آهي ته شهرين کي گهرجي ته هو بجلي جي ٿنڀن، گهرن ٻاهران لڳل بجلي جي سامان، ميٽرن ۽ ٽٽل يا لٽڪندڙ بجلي ۽ انٽرنيٽ جي تارن کان محفوظ فاصلو رکن، خاص طور انهن هنڌن تي جتي برساتي پاڻي بيٺل هجي.

هن وڌيڪ چيو ته مون سون دوران عوامي تحفظ لاءِ رڳو اداري جي تياري ڪافي ناهي، پر شهرين جو ذميواراڻو رويو پڻ انتهائي اهم آهي. حفاظتي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪرڻ سان حادثن کان بچي سگهجي ٿو.

ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي صلاح ڏني آهي ته گهرن اندر به خاص احتياط ڪن، برسات سبب متاثر ٿيل سوئچن يا بجلي جي تارن کي هٿ نه لڳائين ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور اطلاع ڏين، جيئن لاڳاپيل ٽيمون وقت سر ڪارروائي ڪري سگهن.

بجلي سان لاڳاپيل هنگامي صورتحال ۾ واهپيدار ڪي اليڪٽرڪ جي هيلپ لائين 118 تي رابطو ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته بجلي جي فراهمي بابت شڪايتون ڪمپني جي ويب سائيٽ، موبائل ايپليڪيشن، واٽس ايپ سروس ۽ ٻين سماجي رابطن جي ذريعن وسيلي پڻ داخل ڪري سگهجن ٿيون.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026