ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
ڪراچي: ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ پبلڪ سروس گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪيتريون ئي گاڏيون صحيح فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ کانسواءِ هلائيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪجهه گاڏين ۾ باهه وسائڻ جا اوزار به موجود ناهن، جنهن سبب مسافرن جي حفاظت خطري ۾ آهي.

هن چيو ته سمورين پبلڪ سروس گاڏين جي ڊجيٽل روٽ پرمٽن جي تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته دستي روٽ پرمٽ غير مؤثر قرار ڏئي منسوخ ڪيا ويندا. ڊجيٽل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هلندڙ گاڏين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

شرجيل ميمڻ موٽر وهيڪل انسپيڪٽرز کي اوچتا معائنا ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جون هدايتون ڏنيون آهن. هن چيو ته خلاف ورزي تي ڏنڊ، روٽ پرمٽ معطلي ۽ لائسنس منسوخي جهڙيون ڪارروائيون ڪيون وينديون، جڏهن ته بار بار خلاف ورزي ڪندڙ آپريٽرن جا نالا بليڪ لسٽ ڪيا ويندا.

صوبائي وزير موجب ريجيونل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ موٽر وهيڪل انسپيڪشن ونگ جا آفيسر هر ٻن هفتن کانپوءِ ڪارروائين جي رپورٽ جمع ڪرائيندا. حفاظتي گهرجون پوريون نه ڪندڙ پبلڪ سروس گاڏين کي روڊن تي هلڻ جي اجازت نه هوندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالمي ورثي جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالم…
24 Aug 2026
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ ووٽنگ جاري
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
24 Aug 2026
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل فيصل آباد جي حرا قيصر کٽي ورتو
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل…
24 Aug 2026
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي جعلي ۽ اي آءِ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش…
24 Aug 2026
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
24 Aug 2026
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس و…
24 Aug 2026
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاطر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاط…
24 Aug 2026
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج نامزد
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ…
24 Aug 2026