ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي چيئرمين خالد مقبول صديقي تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته وسيم اختر کي سنڌ جو گورنر بڻجڻ کان خالد مقبول صديقي ئي روڪيو هو.
جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي موجوده گورننس ماڊل کي مڪمل طور تبديل ڪيو ويندو ۽ اختيارن سان گڏ وسيلا آئيني طور پاڪستانين جي گهرن تائين پهچايا ويندا، ڇو ته پاڪستان جي بقا ان ۾ ئي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙ جماعت آهي ۽ ڪارڪنن کي آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهي جدوجهد جاري رکڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت گذريل 18 سالن دوران وفاق کان 22 هزار ارب رپيا حاصل ڪري چڪي آهي، پر ان باوجود ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته شهري سنڌ جي حقن لاءِ 26 جولاءِ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته اڄ وسيم اختر اجلاس ۾ موجود نه آهي، شايد اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سندس مون سان اختلاف آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ وسيم اختر جو اختلاف مون سان نه، پر خالد مقبول صديقي سان آهي.
وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته جڏهن وسيم اختر سنڌ جو گورنر بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته خالد مقبول صديقي، جيڪو ان وقت پارٽي جو ڪنوينر هو، وزيراعظم سان ملاقات دوران وسيم اختر جي نامزدگي وارو خط پيش ڪيو، پر ملاقات ختم ٿيڻ تي وزيراعظم جي ڪن ۾ چيو ته "جيڪو خط مون ڏنو آهي، ان تي عمل نه ڪيو وڃي."