لاهور: پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ نان بائين روٽي ۽ نان جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
نان بائين موجب روٽي جي قيمت ۾ 9 رپيا ۽ نان جي قيمت ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ روٽي 25 رپين ۽ نان 35 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويندو.
نان بائين جو چوڻ آهي ته 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2400 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪڏهن حڪومت مقرر ڪيل قيمت تي روٽي وڪڻڻ تي زور ڀريندي ته هو تندور بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.
ان حوالي سان ڊي جي فوڊ چيو آهي ته وقت سان گڏ ڪڻڪ جا اگهه گهٽ ڪيا ويندا.
ٻئي طرف پشاور ۾ به 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 300 رپيا وڌي 3000 رپين تائين پهچي وئي آهي.
هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اٽو 2800 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته تندورن تي روٽي 40 رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.