ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
وطن لاءِ قرباني کي پگهار سان ڳنڍڻ اخلاقي بيحسي آهي، خواجا آصف جي فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد

وطن لاءِ قرباني کي پگهار سان ڳنڍڻ اخلاقي بيحسي آهي، خواجا آصف جي فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد

وطن لاءِ قرباني کي پگهار سان ڳنڍڻ اخلاقي بيحسي آهي، خواجا آصف جي فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد

اسلام آباد: وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فوجي جوانن جي وطن لاءِ قرباني کي پگهار سان ڳنڍڻ غيرمنصفاڻو عمل آهي ۽ اهو شهيدن ۽ سندن وارثن جي دل آزاري جي برابر آهي.

پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ تجربيڪار سياستدان ۽ ممتاز مذهبي اڳواڻ آهن، تنهن ڪري انهن کان لفظن جي چونڊ ۾ وڌيڪ ذميواري جي اميد ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته ڪو به شخص رڳو پگهار خاطر پنهنجي قيمتي جان قربان نٿو ڪري. جان جي قرباني جي پويان ڪنهن نه ڪنهن نظريي، عقيدي، فرض يا وطن سان گهري وابستگي هوندي آهي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته حالتن، واقعن يا طريقه ڪار سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر وطن سان محبت، وابستگي ۽ قرباني جي جذبي جي توهين نٿي ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جاري آهي، جنهن دوران پاڪ فوج سميت ٻين ادارن جا جوان ۽ شهري مسلسل شهيد ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته انهن قربانين کي صرف پگهار جو نتيجو قرار ڏيڻ سياسي تنقيد نه، پر اخلاقي بيحسي آهي. خواجا آصف موجب مولانا فضل الرحمان جي بيان سان رڳو هڪ اداري نه، پر هزارين شهيدن، غازين، بيوه عورتن ۽ يتيم ٻارن جي جذبن کي به مجروح ڪيو ويو آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026