ايل اين جي جي قيمت ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو اضافو ڪيو ويو آهي
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري واري قيمت ۾ 6.45 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين اضافو ڪيو ويو آهي
ان کان پوءِ سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي وڪري جي قيمت 25.83 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن سسٽم تي 25.80 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ٿي وئي آهي
مشرقِ وسطىٰ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پاڪستان کي جولاءِ دوران اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي جا 5 مهانگا ڪارگو خريد ڪرڻا پيا، جنهن جي نتيجي ۾ جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري واري قيمت ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي