ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
”عاشق مجبور آ“ فرانسيسي صدر کي ايراني اداڪارا سان لاڳاپن تي زال چماٽ وهائي ڪڍي هئي، ڪتاب ۾ انڪشاف

”عاشق مجبور آ“ فرانسيسي صدر کي ايراني اداڪارا سان لاڳاپن تي زال چماٽ وهائي ڪڍي هئي، ڪتاب ۾ انڪشاف

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمينيوئيل ميڪرون کي گذريل سال ۾ سندس گهرواري ۽ خاتون اول بريجيٽ ميڪرون طرفان جهاز ۾ چماٽ هڻڻ جو اصل ڪارڻ سامهون اچي ويو.

فرانسيسي عورت صحافي فلورين تارديوف جي نئين ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته خاتون اول بريجيٽ صدر ميڪرون جي موبائل فون تي ڪجهه پيغام ڏسي ورتا هئا.

ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ميڪرون ايراني اداڪارا گل شفتي فرحاني کي اڻ وڻندڙ ميسيج ڪيا هئا، جنهن تان جهاز ۾ صدر ۽ خاتون اول جو وڏو بحث ٿيو.

ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 48 سالن جي صدر ميڪرون جو 42 سالن جي گل شفتي فرحاني سان ڪيئي مهينن تائين لاڳاپا رهيا.

اهو به چيو ويو آهي ته هڪ پيغام ۾ صدر ميڪرون ايراني اداڪارا کي چيو هو ته ”هوءَ تمام سهڻي لڳي رهي آهي.“

رپورٽ موجب، خاتون اول جي دوست ليکڪا کي ٻڌايو ته بريجيٽ کي پيغامن کان وڌيڪ ان ڳالهه جو ڏک هو ته کيس احساس ٿيو ته کيس هوريان هوريان ميساريو پيو وڃي.

ٻئي پاسي فرانسيسي خاتون اول جي نمائندي اهڙي قسم جون دعوائون رد ڪندي چيو آهي ته بريجيٽ پنهنجي مڙس جو فون چيڪ نه ڪندي آهي.

هوڏانهن ايراني اداڪارا گل شفتي فرحاني به صدر ميڪرون سان ڪنهن به قسم جي تعلق جي ترديد ڪئي آهي.

ياد رهي ته گذريل سال مئي ۾ ويٽنام پهچڻ تي جڏهن فرانسيسي صدر جي جهاز جو در کليو ته هڪ هٿ صدر جي منهن تي لڳندي ڪيمرائن جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو هو.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران ۾ عباس عراقچي سان ملاقات
پاڪستان جون سفارتي ڪوششون تيز: فيلڊ مارشل عاصم مني…
23 May 2026
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
سعودي عرب ۾ حاجين جو انگ 15 لک 18 هزار کان وڌي ويو
23 May 2026
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران بابت سٺي خبر ايندي، مان خراب ڊيل ناهيان ڪندو…
25 May 2026
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان
سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مٽيءَ جي طوفانن ۽ گجگوڙ سان برس…
30 May 2026
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
ٽرمپ جي هٿ تي زخم جو سبب ڊاڪٽر جي رپورٽ ۾ ظاهر
30 May 2026
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو۔
مڪه مڪرمه: غلافِ ڪعبه هر سال جيان هن ڀيري به پهرين…
30 May 2026
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار، هيليڪاپٽر ڪري تباهه؛ مڙس فوت
شاديءَ کان چند ڪلاڪن پوءِ نئون جوڙو حادثي جو شڪار،…
01 Jun 2026
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي پابندي
ملائيشيا ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر ٻارن لاءِ سوشل ميڊي…
01 Jun 2026
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان
سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي آندھي ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪ…
02 Jun 2026
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي وئي
5 ورهين جي نينگري پارڪ ۾ ٽوائي ٽرين هيٺ اچي فوت ٿي…
02 Jun 2026