رحيم يار خان: پٽ جي پسند جي شادي ڪرڻ تي جوابدارن سندس پيءُ جي نڪ ڪٽي ڇڏي. تفصيل موجب واقعو رحيم يار خان جي علائقي جمال الدين والي ۾ پيش آيو، جتي پٽ جي پسند جي شادي تان ناراض هٿياربند جوابدارن هڪ گهر تي حملو ڪيو. متاثر شخص جو چوڻ آهي ته هٿياربند کيس گهر مان اغوا ڪري ٻنين ۾ وٺي ويا، جتي سندس نڪ ڪٽي فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳولا جاري آهي.