ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 جولائی 2026
شادي جو فيصلو منهنجو پنهنجو هو، هن معاملي ۾ ڪنهن کي به الزام نٿي ڏئي سگهان: ميرا سيٺي

شادي جو فيصلو منهنجو پنهنجو هو، هن معاملي ۾ ڪنهن کي به الزام نٿي ڏئي سگهان: ميرا سيٺي


اداڪارا ميرا سيٺي چيو آهي ته مٿس شادي ڪرڻ لاءِ ڪو به سماجي دٻاءُ نه هو ۽ هوءَ هن معاملي ۾ ڪنهن کي به الزام نٿي ڏئي سگهي.

تازو ئي ميرا سيٺي اداڪار ۽ گلوڪار احمد علي بٽ کي انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيريئر سان گڏ ذاتي زندگي بابت به ڳالهايو.

اداڪارا ميزبان جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته طلاق کان پوءِ هن سڀ کان پهريون سبق اهو سکيو ته پنهنجي دل جي آواز يا جذبن تي انڌو اعتماد نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪنهن جي خاطر پنهنجي شخصيت تبديل ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڀلي اهو توهان جو مڙس هجي، دوست هجي، مرد باس هجي يا ڪو ٻيو، ماڻهن کي اهو تمام گهڻو پسند ايندو آهي جڏهن توهان انهن جي خاطر پاڻ کي تبديل ڪندا آهيو، پر اها سٺي ڳالهه ناهي. اهي ٻه اهم سبق آهن جيڪي مون سکيا.

ميرا سيٺي چيو ته هن زندگي مان ڀرپور لطف ورتو، گهڻو ڪجهه سکيو ۽ سندس شخصيت ۾ پختگي آئي. هاڻي هوءَ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري چئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس طلاق کي ڪيترائي سال گذري چڪا آهن ۽ هوءَ زندگي ۾ اڳتي وڌي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪا عورت حالتن موجب پاڻ کي بدلائڻ کان انڪار ڪندي آهي ته ماڻهو اڪثر چوندا آهن ته "هيءَ ايڊجسٽ نه ٿي سگهي."

هن وڌيڪ چيو ته مٿس شادي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو سماجي دٻاءُ نه هو. هن اهڙي عمر ۾ شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ معاشرو عام طور شادي مناسب سمجهي ٿو. اها مڪمل طور سندس پنهنجي مرضي، محبت ۽ مثالي سوچ تي ٻڌل فيصلو هو، تنهن ڪري هوءَ هن معاملي ۾ پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ذميوار نٿي ٺهرائي سگهي.

واضح رهي ته ميرا سيٺي 2019ع ۾ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ بلال صديقي سان شادي ڪئي هئي، جڏهن ته ٻنهي 2023ع ۾ الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪارڊ ڪيون ويون
ملڪ ۾ پري مون سون دوران معمول کان وڌيڪ برساتون رڪا…
15 Jul 2026
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي اپيل، في الحال وڌيڪ قدم کڻڻ کان پاسو ڪري ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي
مولانا فضل الرحمان جي ڪالعدم عوامي ايڪشن ڪميٽي کي …
16 Jul 2026
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ميڊيا تي اچڻ تي پابندي
سنڌ پوليس جي آفيسرن لاءِ آءِ جي جي اڳواٽ اجازت کان…
16 Jul 2026
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام سائيٽن تي چوري جون وارداتون
پي ٽي اي چيئرمين جو انڪشاف، ملڪ ۾ 9 هزار ٽيليڪام س…
17 Jul 2026
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
بنون ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 24 د…
17 Jul 2026
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان
17 Jul 2026
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع
ملڪ ڀر جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواس…
17 Jul 2026
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدار بئنڪن ٻاهران ڦرن ۽ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ به ملوث هجڻ جي دعويٰ
ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، گرفتار جوابدا…
17 Jul 2026
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برساتن جي اڳڪٿي
ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز ه…
17 Jul 2026
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ
استنبول کان اسلام آباد ايندڙ جهاز ۾ فني خرابي، باڪ…
17 Jul 2026