ڪراچي ۾ 27 جون تي گلستانِ جوهر ۾ قائم رينجرز ڪيمپ تي ٿيل حملي جي جاچ دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مبينا ماسٽر مائينڊ قاري محمد بشير سميت سهولتڪارن جو مڪمل نيٽ ورڪ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر ٻڌايو ته رينجرز ڪيمپ تي حملي جي رٿابندي مبينا طور افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار فراهم ڪندڙ اسمگلر پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ حملي سان لاڳاپيل پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود مبينا نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪيو ويو آهي.
سندس موجب هڪ خودڪش حمله آور، جنهن جي سڃاڻپ جانان جي نالي سان ڪئي وئي، رينجرز ڪيمپ جي گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٽي ٻيا حملا آور اندر داخل ٿيا. اختيارين موجب حملي ۾ شامل هڪ جوابدار باجوڙ جو رهواسي ۽ ٽي افغان شهري هئا، جن کي مبينا طور افغانستان مان تربيت، هٿيار ۽ بارودي مواد فراهم ڪيو ويو.
حڪام جو چوڻ هو ته مبينا هينڊلر افغانستان مان ئي حملي آورن کي هدايتون ڏئي رهيا هئا. گرفتار سهولتڪارن وٽان اهڙيون وڊيوز پڻ هٿ آيون آهن، جن ۾ مبينا طور حملي جي تياري ۽ تربيتي ڪيمپن جا منظر موجود آهن.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل مبينا دهشتگرد عثمان جاچ دوران مختلف تربيتي ڪيمپن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. جاچ موجب حملي ۾ شامل چار ڄڻا افغانستان کان ڪراچي پهتا، جن کي حب چوڪي کان ڪورنگي منتقل ڪري هڪ گهر ۾ ترسايو ويو.
عرفان بهادر وڌيڪ ٻڌايو ته حملي جي مبينا ماسٽر مائينڊ محمد بشير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه سهولتڪارن جا مبينا رابطا ڀارت سان هجڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي.
نوٽ: مٿيان الزام پاڪستاني اختيارين طرفان پريس ڪانفرنس دوران پيش ڪيا ويا آهن. انهن دعوائن بابت آزاد عدالتي تصديق يا جوابدارن جو موقف هن وقت سامهون ناهي آيو.