اسلام آباد: وفاقي بجيٽ 2026-27 ۾ پينشنرز جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو باضابطه اعلان ٿيڻ باوجود، 1 آگسٽ تي ملڪ ڀر جي لکين رٽائرڊ ملازمن کي وڌايل رقم نه ملي سگهندي ۽ کين معمول موجب پراڻي شرح تي ئي پينشن ادا ڪئي ويندي
ذريعن موجب دير جو بنيادي سبب پينشن ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن ادائيگي کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ، 29 جولاءِ تي جاري ٿيڻ آهي
محدود وقت سبب بئنڪن لاءِ نئين شرح موجب ادائيگين جو ڊيٽا بروقت اپڊيٽ ڪرڻ ممڪن نه ٿي سگهيو. بهرحال، سيپٽمبر ۾ پينشنرز کي وڌايل پينشن بقايائن سميت ادا ڪئي ويندي
ٻئي طرف ادائيگي ۾ دير ۽ حاضر سروس ملازمن جي ڀيٽ ۾ پينشنرز کي مسلسل گهٽ رليف ملڻ سبب پينشنرز ۾ ڳڻتي جي لهر ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي