ميرپورخاص: تعليم کاتي ۾ 6 سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي جعلي ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مير فضل ٽالپر موجب ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي 6 استادن جون پگهارون روڪڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.
ڊي اي او ٻڌايو ته آءِ ٽي ڊيٽا سينٽر کي پڻ جعلي استادن جو بائيو ميٽرڪ رڪارڊ منسوخ ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي. معاملي تي ڊائريڪٽر تعليم، ڊي اي او ۽ 2 تعلقا آفيسرن خلاف کاتي اندر جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
مير فضل ٽالپر جو چوڻ هو ته هو انهن جعلي استادن سان ڪڏهن به نه مليو آهي ۽ نه ئي کين ڏٺو آهي. سندس موجب جعلي ڀرتين ۾ سندس نالي سميت ٻين آفيسرن جا جعلي صحيح ۽ مهرون استعمال ڪيون ويون.
ڊي اي او موجب تعلقا آفيسرن جي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪندي جعلي استادن جون پگهارون روڪيون ويون آهن، جڏهن ته هن جاچ ڪميٽي سامهون پنهنجو جواب پڻ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.