ڪراچي: موسميات کاتي هندوڪش، قراقرم ۽ هماليا جي علائقن لاءِ مون سون آئوٽ لُڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي موجب ملڪ جي اترين علائقن ۾ معمول موجب برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ مٿئين خيبر پختونخوا ۾ به معمول مطابق برساتون متوقع آهن.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هندوڪش، قراقرم ۽ هماليا ۾ گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب گليشيئرن ۽ برف جي تيزي سان ڳرڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جيڪو ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو.
ان کان علاوه تيز برساتن سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، مٽيءَ جا وڏا تودا ڪرڻ ۽ حساس بلند علائقن ۾ گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ (GLOF) جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ممڪن ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي موسميات کاتي دريائن، ندين ۽ نالن جي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي خبردار رهڻ ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.