ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي کي دنيا جي بدترين شهرن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ جو ذميوار پيپلز پارٽي کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان چيو ته ٽٽل رستا، گندگي، پاڻي جو بحران ۽ بدترين ٽريفڪ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهن.
ترجمان موجب، پيپلز پارٽي ڪراچي کي بنيادي سهولتن کان به محروم ڪري ڇڏيو، رڳو دعوائن ۾ مصروف رهي ۽ ڪراچي عالمي درجابندي ۾ مسلسل تنزلي جو شڪار ٿيندو رهيو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪراچي بابت سنجيدگي ڏيکاري ها ته عالمي سطح تي اهڙي درجابندي نه ٿئي ها. اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ جي رپورٽ موجب، رهائش جي لحاظ کان دنيا جي 173 شهرن مان ڪراچي جو نمبر 170 هون آهي.