ملتان: گٽر لائن جي صفائي دوران واسا جا 2 ملازم دم گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا
ريسڪيو موجب ٻئي ملازم رات دير سان گٽر لائن جي صفائي ۾ مصروف هئا ته دم گهٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻئي ملازم حفاظتي سامان کانسواءِ گٽر لائن جي صفائي ڪري رهيا هئا.
ٻئي طرف واسا اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن مان هڪ واسا جو مستقل ملازم ۽ ٻيو ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ هو. واسا طرفان ٻنهي ڄڻن کي گٽر لائن جي صفائي لاءِ ڪا هدايت نه ڏني وئي هئي، ٻئي ڄڻا ذاتي حيثيت ۾ هڪ خانگي ٺيڪيدار جي مدد لاءِ سيوريج لائن ۾ ويا هئا.
واسَا اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪم دوران حفاظتي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو آهي ۽ سيوريج جي ڪم کان اڳ سمورا حفاظتي انتظام مڪمل ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهي.