ڪراچي: پارسل پهچائڻ جي نالي تي شهرين جا واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ڪري انهن جي مائٽن ۽ دوستن کان پئسا طلب ڪندڙ سائبر فراڊ جو نئون طريقو سامهون آيو آهي. جعلساز پاڻ کي مشهور ڪوريئر ڪمپني جو نمائندو ظاهر ڪري شهرين کان واٽس ايپ جو تصديقي ڪوڊ حاصل ڪن ٿا. جعلساز فون ڪري چون ٿا ته توهان جو پارسل آيو آهي، پر ڊيليوري مڪمل ڪرڻ يا پتو تصديق ڪرڻ لاءِ موبائل فون تي هڪ ڪوڊ ايندو، جيڪو کين ٻڌايو وڃي. جيئن ئي شهري واٽس ايپ تي مليل تصديقي ڪوڊ فون ڪندڙ شخص کي ٻڌائي ٿو، جعلساز متاثر شخص جي نمبر تي پنهنجي موبائل ۾ واٽس ايپ رجسٽر ڪري اڪائونٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪري وٺن ٿا. اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ کانپوءِ جعلساز متاثر شخص جي واٽس ايپ ۾ موجود رابطي وارن نمبرن کي استعمال ڪندي سندس مائٽن، دوستن، ساٿين ۽ واقفڪارن کي پيغام موڪلي فوري مالي مدد جي نالي تي رقم طلب ڪن ٿا.