اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نور مقدم قتل ڪيس ۾ مجرم ظاهر جعفر جي موت جي سزا خلاف نظرثاني درخواست رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ظاهر جعفر جو ڏوهه اهڙو سنگين آهي، جنهن ۾ سزا ۾ گهٽتائي جي گنجائش موجود ناهي.
سپريم ڪورٽ موجب مجرم انتهائي سنگين ڏوهه جو مرتڪب ٿيو، جڏهن ته عورتن کي تشدد ۽ عدم تحفظ جو شڪار بڻائڻ شرعي ۽ دنياوي قانونن جي به خلاف آهي.
واضح رهي ته ٽرائل ڪورٽ ظاهر جعفر کي نور مقدم سان زيادتي ۽ قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کي بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو. ظاهر جعفر ذهني بيماري جي بنياد تي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي.