ڪراچي پورٽ تي 398.5 ميٽر ڊگهو ۽ 59 ميٽر ويڪرو ميگا ڪنٽينر جهاز ايم ايس سي ايريڪا پهتو آهي
ڪي پي ٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايم ايس سي ايريڪا دنيا جي سڀ کان وڏن ڪنٽينر جهازن مان شمار ٿئي ٿو، جهاز جي هن دوري دوران 3 هزار کان وڌيڪ ڪنٽينرن جي هينڊلنگ ٿيڻ جي توقع آهي.
ترجمان موجب، ڪراچي پورٽ تي ڪارگو آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايم ايس سي ايريڪا جهاز چين روانو ٿيندو.