ڪوئيٽا: چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي تقدير صرف بلوچستان جي عوام جي هٿن ۾ آهي، جڏهن ته رياست جي غيرمتزلزل، پرعزم ۽ فيصلائتي ردعمل سان مذموم عزائم کي ناڪام بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي اهم شخصيتن ۽ سياسي قيادت سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان جو حال ۽ مستقبل هڪ آهي ۽ هميشه هڪ رهندو. هن چيو ته بلوچستان باصلاحيت، ثابت قدم، محب وطن ۽ باوقار عوام سان مالامال آهي، جڏهن ته بلوچستان جي نوجوانن ۾ صلاحيتن ۽ موقعن جي ڪا کوٽ ناهي. چيف آف ڊفينس فورسز جو چوڻ هو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان بلوچستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ پرڏيهي سرپرستي هيٺ پراڪسيز آهن، جن جو مقصد بلوچستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ وٿي پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته نوجوان معاشري جو سڀ کان متحرڪ ۽ اميدوار طبقو آهن، دشمن جي پروپيگنڊا جو جامع ۽ بي خوف مقابلو ڪيو وڃي ۽ ڪوڙن بيانين کي بي نقاب ڪيو وڃي. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته بلوچستان ۽ ان جي عوام جي حقيقي صلاحيت، ترقي ۽ امنگن کي اجاگر ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته امن ۽ استحڪام سان بلوچستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿا.