اسلام آباد: وفاقي حڪومت عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم 12 ربيع الاول تي عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڪابينا ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 26 آگسٽ، اربع ڏينهن، ملڪ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ عام موڪل هوندي.