اسلام آباد: ڪال سينٽرز تان گرفتار ڪيل 671 پرڏيهي شهرين کي فارن بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي موجب اهي سمورا پرڏيهي هاڻي ٻيهر پاڪستان ۾ داخل نه ٿي سگهندا. اختيارين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن سان لاڳاپيل مقامي رابطن جي به جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ذريعن موجب پرڏيهي آفيس ذريعي گرفتار ٿيل ماڻهن جي ملڪن کي به انهن جي مبينا ڏوهن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته اهي ماڻهو فراڊ، بليڪ ميلنگ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته ڪجهه جوابدار آن لائن لائيو فحش مواد جي عالمي سطح تي وڪري ۾ به ملوث نڪتا.