اسلام آباد: وفاقي حڪومت دوست ملڪن کان ٻطرفي قرضن تي انحصار گهٽائي عالمي مالي مارڪيٽ ۾ بانڊز جاري ڪري قرض حاصل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان 3 ڪنسورشيم مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪا کان زرمبادله جي ذخيرن لاءِ سيپٽمبر جي آخر تائين 10 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي. اهي 10 ارب ڊالر سڌي ڪريڊٽ لائن نه هوندا، پر ڪرنسي جي استحڪام ۽ زرمبادله جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عالمي مالي مارڪيٽ لاءِ هڪ مثبت سگنل طور ڪم ڪندا.