ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان کي قطر کان نئون ايل اين جي ڪارگو ملي ويو

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان کي قطر کان نئون ايل اين جي ڪارگو ملي ويو


اسلام آباد: پاڪستان کي قطر کان نئون ايل اين جي ڪارگو ملي ويو، جنهن سان توانائي جي تحفظ کي هٿي ملڻ جو امڪان آهي

پاڪستان جي توانائي جي سلامتي لاءِ هڪ وڏي رليف طور ملڪ قطر انرجي کان هڪ وڌيڪ ڊگهي مدي وارو ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن جو جهاز آبنائي هرمز کي ڪاميابي سان عبور ڪندي 31 جولاءِ تي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي، جيڪو علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود بنا رڪاوٽ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيو آهي.

قطر انرجي سان حڪومت کان حڪومت (جي ٽو جي) ڊگهي مدي واري معاهدي تحت فراهم ڪيل هن ڪارگو جي قيمت برينٽ ڪروڊ جي 13.37 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا اسپاٽ مارڪيٽ جي ڪارگو جي مقابلي ۾ نمايان طور سستي آهي.

اسپاٽ مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جون قيمتون 22 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو کان وڌي چڪيون آهن، ۽ جيڪڏهن پاڪستان تازيون اسپاٽ بوليون طلب ڪري ها ته اندازو آهي ته اهي قيمتون 23.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو کان به وڌي وڃن ها.

سينيئر اختيارين موجب وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ نيشنل ڪرائسس مينيجمينٽ سيل جي اختيارين خليجي علائقي ۾ وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي باوجود اڳواٽ لوڊ ڪيل ايل اين جي ڪارگو کي آبنائي هرمز مان محفوظ طريقي سان گذارڻ لاءِ ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک …
21 Aug 2026
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري شيون مهانگيون
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري …
21 Aug 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏ…
21 Aug 2026
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ…
21 Aug 2026
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن ک…
22 Aug 2026
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون ختم، درآمدي ڊيٽا اپڊيٽ
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگي…
22 Aug 2026
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا: شماريات کاتو
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا…
22 Aug 2026
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽ مارجنز ادا ڪرڻ تي مجبور
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽…
24 Aug 2026
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 93 سيڪڙو وڌي ويا
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 9…
24 Aug 2026
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي …
24 Aug 2026