اسلام آباد: پاڪستان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت پاران آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ کنيل قدم ناڪافي ثابت ٿي رهيا آهن.
ماهرن موجب، پاڪستان ۾ آبادي جي واڌ جي سالياني شرح 2.55 سيڪڙو آهي، جڏهن ته هن وقت ملڪ جي ڪل آبادي لڳ ڀڳ 25 ڪروڙ 72 لک تائين پهچي چڪي آهي.
پيدائش جي شرح جي لحاظ کان پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شرح پيدائش وارو ملڪ آهي، جڏهن ته تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڀيٽ ۾ وسيلا گهٽ پئجي رهيا آهن، جنهن سبب معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت آبادي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان اثرائتا نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.
حڪومتي قدمن باوجود آبادي ڪنٽرول بابت صوبائي کاتن جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ بنيادي سهولتن جي به کوٽ آهي. ذريعن موجب، پنجاب ۾ آبادي ڀلائي واري کاتي کي انتظامي معاملن ۽ ملازمن جي انضمام بابت سخت چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.