ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگيوليشن جو فيصلو، ڊيزل سستو ڪرڻ جي تياري

پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگيوليشن جو فيصلو، ڊيزل سستو ڪرڻ جي تياري


اسلام آباد: پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگيوليشن تحت ڊيزل سستو ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو ڪريڪ اسپريڊ 70 کان گهٽائي 35 کان 40 ڊالر في بيرل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ پيٽرول کي ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويندو، پوءِ ٻين پيٽروليم شين کي به هن نظام ۾ شامل ڪيو ويندو.

آءِ ايف اي ايم (IFEM) سڌارن تحت پيٽروليم ڊپو پوائنٽن جو انگ 22 مان گهٽائي 11 ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

حڪومت جي پيٽروليم پرائسنگ ڪميٽي ايندڙ ٻن هفتن دوران وزيراعظم شهباز شريف کي پيٽروليم شعبي جي مرحليوار ڊي ريگيوليشن بابت سفارشون پيش ڪرڻ واري آهي، جنهن تحت صارفين کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل (HSD) جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جو امڪان آهي.

ان مقصد لاءِ ڊيزل جي عالمي ڪريڪ اسپريڊ ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻئي طرف پيٽرول جي قيمتن کي تدريجي طور حڪومتي ڪنٽرول کان آزاد ڪيو ويندو.

ڪميٽي جي خميس واري اجلاس کان آگاهه اختيارين موجب حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ڪريڪ اسپريڊ کي موجوده لڳ ڀڳ 70 ڊالر في بيرل مان گهٽائي 35 کان 40 ڊالر في بيرل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

هن قدم سان مقامي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي، جڏهن ته مقامي ريفائنرين جي مالي صلاحيت پڻ برقرار رهندي.

هڪ عهديدار موجب ايندڙ خميس تائين ڪميٽي پيٽروليم شين جي ڊي ريگيوليشن ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي بابت سفارشون حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک …
21 Aug 2026
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري شيون مهانگيون
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري …
21 Aug 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏ…
21 Aug 2026
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ…
21 Aug 2026
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن ک…
22 Aug 2026
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون ختم، درآمدي ڊيٽا اپڊيٽ
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگي…
22 Aug 2026
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا: شماريات کاتو
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا…
22 Aug 2026
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽ مارجنز ادا ڪرڻ تي مجبور
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽…
24 Aug 2026
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 93 سيڪڙو وڌي ويا
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 9…
24 Aug 2026
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي …
24 Aug 2026