ڪراچي: نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو ڪراچي جي 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. نيشنل اي او سي موجب ڪراچي سينٽرل، اوڀر، ڪياماڙي، ملير، ڏکڻ ۽ اولهه جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي. ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ جون مهيني دوران پوليو وائرس جو پتو نه پيو هو، جڏهن ته جولاءِ ۾ سنڌ جي ضلعي ڪشمور جي ماحولياتي نموني ۾ پڻ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي هئي. نيشنل اي او سي موجب بلوچستان جي چمن، ڊيرا بگٽي ۽ ڪوئيٽا جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس مليو آهي. ان کان علاوه خيبرپختونخوا جي بنون ۽ پشاور جي ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. نيشنل اي او سي جو چوڻ آهي ته پنجاب جي راولپنڊي ۾ به جولاءِ دوران ماحولياتي نموني ۾ پوليو وائرس مليو هو.